ٻانهياري ڀٽ

ٻانهياري ڀٽ: هيءَ ڀٽ ڏيپلي تعلقي ۾ آهي. چون ٿا ته هڪ مائي حمل سان هئي، نائون مهينو هئس، تنهن کي سندس ڏير چيو ته جي تون ٻه دلا ڀريل پاڻيءَ جا مٿي ٿي کڻي هن ڀٽ جي چوٽيءَ تائين چڙهي ويندينءَ ته آءٌ توکي نئين عاج جي ٻانهين پارائيندس. مائي شرط قبول ڪري دلا کڻي مٿي چڙهي، پر چوٽيءَ تي پهچڻ کان اڳ سهڪي ساهه ڏنائين، ان ڪري هن ڀٽ تي ”ٻانهياري ڀٽ“ نالو پيو .


لفظ ٻانهياري ڀٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو